Monday, May 11, 2009

real face of mqm

(جمهوريت جي دعويدار ايم ڪيو ايم اپيل وري به فوج کي ڪئي)


آرمي چيف کان اي اين پي سنڌ خلاف ڪارروائي جو مطالبو، ڏوهن ۾ سنڌ سرڪار جا عهديدار به شامل آهن:ايم ڪيو ايم

ڪراچي (بيورو رپورٽ) ايم ڪيو ايم رابطا ڪاميٽي سنڌ حڪومت پاران 12 مئي تي عام موڪل ڪرڻ واري اعلان جي سخت مخالفت ڪندي سنڌ حڪومت جي ڪجهه اعليٰ شخصيتن ۽ اڳواڻن کي اي اين پي سان گڏجي طالبان، لينڊ مافيا ۽ ڊرگ مافيا جي ساٿ ڏيڻ جا الزام هڻندي پهريون ڀيرو صدر ۽ وزير اعظم بدران سڌي ريت آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ سربراهه کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ طالبانائيزيشن کي سهارو ڏيندڙ اي اين پي خلاف ايڪشن کنيو وڃي، جنهن ۾پ پ سنڌ حڪومت جا اعليٰ اڳواڻ به اي اين پي ۽ ڏوهارين جو ساٿ ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته اي اين پي سنڌ ايم ڪيو ايم جي سمورن الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ طالبانائيزيشن سان گڏ الطاف نائيزيشن به قبول ناهي، ڪالهه ايم ڪيو ايم رابطا ڪاميٽي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جي سربراهه کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ وڌندڙ طالبانائيزيشن ۽ انهن جي سرگرمين توڙي کين تحفظ مهيا ڪندڙ اي اين پي سنڌ جي اڳواڻن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ڇو ته سنڌ خاص ڪري ڪراچي ۾ طالبان، دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ ۽ انهن جي امداد لاءِ نه صرف اي اين پي جا اڳواڻ پر پ پ سنڌ حڪومت جا اعليٰ اڳواڻ ۽ عهديدار به ملوث آهن، رابطا ڪاميٽي موجب پ پ سنڌ حڪومت جا ڪجهه اعليٰ اڳواڻ ۽ عهديدار لينڊ مافيا، ڊرگ مافيا ۽ هٿيارن جي مافيا کان پنهنجو حصو وٺي رهيا آهن ۽ انهن جي کلي عام مدد ڪري رهيا آهن، رابطا ڪاميٽي موجب ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين لنڊن ۾ صدر آصف زرداري سان 3 مئي تي جيڪا ملاقات ڪئي هئي ان ۾ به صدر کي سمورا تفصيل ٻڌايا هئا، جڏهن ته صدر جي سمورين خاطرين ڪرائڻ باوجود اڄ به سنڌ ۾ نه رڳو صرف زمينن تي قبضا ڪندڙ، منشيات جو ڪاروبار ڪندڙ ۽ هٿيارن جو ڪاروبار زور ۽ شور سان جاري آهي پر انهن ۾ ملوث ڏوهاري ماڻهن کي ڪير به روڪڻ وارو ناهي، ڇو ته سنڌ حڪومت ۾ پ پ جا ڪجهه اعليٰ عهديدار به ڏوهارين سان مڪمل طور تي مليل آهن، رابطا ڪاميٽي چيو ته ڏوهارين سان واسطا رکندڙن جي واسطن کي ٽوڙڻ ۾ صدر آصف علي زرداري به ناڪام ٿي چڪو آهي، جنهن جو تازو ثبوت اهو آهي ته حڪومت سنڌ اي اين پي جي چوڻ تي 12 مئي تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي ۾ هڙتال جو اعلان ڪرڻ وارا اي اين پي جا سورما اهڙي همت ۽ بهادري سرحد ۾ ڇو نه ٿا ڪن ، جتي اي اين پي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي نه رڳو حملا ڪيا ويا آهن پر اي اين پي جي ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي قتل به ڪيو ويو آهي، پر اتي اي اين پي پنهنجا چپ سبيل رکي وٺي آهي، ايم ڪيو ايم رابطا ڪاميٽي موجب 12 مئي 2007ع تي ايم ڪيو ايم جا 13 بيگناهه ڪارڪن قتل ۽ سوين زخمي ڪيا ويا، پر ايم ڪيو ايم خلاف پروپئگنڊا ڪرڻ وارا ته اڄ تائين پنهنجن ماڻهن جا نالا به جاري نه ڪري سگهيا آهن، هن وقت عدليه جي آزادي جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي پر حقيقت اها آهي ته 12 مئي تي ايم ڪيو ايم جي 13 ڪارڪنن کي قتل ڪندڙن خلاف حڪومت ڪارروائي ڪرڻ بدران رهندو انهن جي دٻاءُ تي عام موڪل جو اعلان ڪري رهي آهي، رابطا ڪاميٽي موجب 31 آڪٽوبر 1986ع، 14 ڊسمبر 1986ع تي عليڳڙهه سانحي ۾ سوين اردو ڳالهائيندڙن جو قتل عام ٿيو، تنهن ڪري انهن ڏينهن تي سوڳ ملهائڻ واسطي عام موڪل ڪئي وڃي، پ پ حڪومت اي اين پي جي ڏوهاري ماڻهن سان تعلق ختم نه ڪيو ته ايم ڪيو ايم وٽ وفاق ۽ سنڌ حڪومت کان ڌار ٿيڻ کانسواءِ ٻي واٽ ناهي، هوڏانهن اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد ڪاوش سان ڳالهائيندي چيو ته ايم ڪيو ايم اسان مٿان ڪهڙا به الزام هڻي، اهو سڀ ڪجهه امن خراب ڪرڻ جي سازش آهي، هن چيو ته اسان کي ڪراچي ۾ طالبانائيزيشن سان گڏ الطاف نائيزيشن به قبول ناهي، اسان مطالبو ٿا ڪريون ته جيڪڏهن ڪراچي ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن ته کير جو کير پاڻي جو پاڻي ٿي ويندو.

Tuesday, May 5, 2009

Saturday, May 2, 2009

imtiaz chandio


imtiaz chandio,
writer and bureau reporter of daily kawish hyd:

imtiaz chandio

دهشت پسندن جي پاڇي ۾ پلجندڙ ڪراچي جو عوام!

امتياز چانڊيو

ڪراچي ۽ وڳوڙ ڄڻ ته هڪٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم ٿي ويا هجن، جتي هر ٻئي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن علائقي ۾ وڳوڙ ٿيڻ ۽ ماڻهو مارجڻ نه اڳي ڪا نئين ڳالهه هئي، نه ئي هاڻي رهي آهي، لياري ۽ بلال ڪالوني ۾ ٿيل وڳوڙن کي اڃا هڪ ڏينهن ئي نه گذريو هو، ته وري ڪالهه ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ دهشتگرد ڪارروايون ٿينديون رهيون، جنهن ۾ نارٿ ڪراچي سميت مختلف علائقن ۾ ٽن کان وڌيڪ ماڻهن کي قتل ڪيو ويو ۽ 9 کان وڌيڪ گاڏين کي ساڙيو ويو، پر ان جي باوجود روز روز ٿيندڙ اهڙين وارداتن کي روڪڻ لاءِ ڪو انتظام ئي نظر نٿو اچي، هن شهر ۾ ماڻهو مارڻ ۽ وڳوڙ ڪرڻ دهشتگرد ڌرين جو محبوب مشغلو بڻجي ويو آهي، جيڪي خاموش حڪومتي رٽ ۽ امن تي يقين رکي مفاهمت جي واٽ وٺندڙ سرڪار کي وقت بوقت پريشان ڪرڻ لاءِ اهڙيون ڪاررايون ڪري پنهنجو مقصد ماڻيندا رهيا آهن، تنهن ڪري شايد ئي اهڙو ڪو مهينو هجي، جيڪو هن شهر ۾ خير خيريت سان گذري ويو هجي.

ماضي جو قبرون کوٽڻ بدران جيڪڏهن رڳو گذريل اڱاري واري ڏينهن جي امن کي ڏسبو ته هڪ ڏينهن ۾ ٻه ٻه ويڙهه جي واقعن سڄي شهر کي اپاهج ڪري ڇڏيو هو، جنهن ۾ نه رڳو پوڻا 2 ڪروڙ آبادي واري شهر ۾ سڪتو طاري رهيو، پر ساڳئي ڏينهن تي لياري ۽ بلال ڪالوني ۾ رت جي راند جاري رهي، جنهن ۾ رڳو لياري ۾ 8 کان وڌيڪ انساني جانيون موت جو شڪار ٿي ويون، جڏهن ته ٻن انسانن جي لاشن کي ته باهه ڏئي ساڙي وحشت جي انتها ڪئي وئي. هر دم نشاني تي رهندڙ لياري ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ سدائين حڪومتن لاءِ چيلينج رهيو آهي، جنهن ڪري نه لياري ۾ ڪڏهن امن امان وارو خواب پورو ٿيو آهي، نه وري ڪڏهن ٿيڻ جي ڪا اميد نظر اچي پئي، جنهن جو تازو مثال اهو ئي آهي ته، هاڻي ڊڪيت گروپ ڀتو نه ڏيندڙ عام ماڻهن ۽ واپارين کي پنهنجي دهشت جو نشانو بڻائي رهيا آهن، پر ڀتو ڏيڻ کان انڪاري عام ماڻهن کي ڪو به تحفظ ڏيڻ وارو ناهي، جنهن وقت رات کان وٺي شام تائين لياري ۾ هٿياربندن ۽ بي هٿيار عام ماڻهن وچ ۾ ويڙهه هلي رهي هئي، ان وقت بار بار ايمبولينس سروس وارن جا اهي ميسيج موبائل تي ملندا رهيا ته، ”گن شاٽ سي ايڪ اور هلاڪ،مزيد معلومات ڪي لئي رابطا ڪرين“ اهو سلسلو رات دير تائين جاري رهيو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 8 کان وڌيڪ ماڻهن کي موت جو شڪار بڻايو ويو. چون ٿا ته، لياري جي علائقي ڪلري ۾ جڏهن هٿياربندن کي دڪاندارن ڀتو ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته، هو پنهنجي ساٿين سان گڏجي هٿيار کڻي رستن تي نڪري آيا هئا، جن احتجاج ڪندڙن مٿان سڌيون گوليون وسائڻ شروع ڪيون، جنهن ۾ سڄو علائقو نه رڳو جنگ جو ميدان ۽ ويران بڻجي ويو هو، پر بي هٿيار ماڻهو ديو جهڙي دهشت رکندڙ گينگسٽرن جي ظلم کان پاڻ بچائڻ لاءِ رڙيون ڪندا رهيا هئا، پر کين ڪير به بچائڻ وارو نه هو. سڄي رات ويڙهه ڪندڙ گينگسٽرن کي منهن ڏيڻ لاءِ جڏهن ڪراچي جهڙي وڏي ميٽرو پوليٽن شهر جي جديد پوليس ۽ رينجرز منهن ڏيڻ لاءِ نه آئي ته، هٿياربندن جا سينا اڃان به وڌيڪ ويڪرا ٿي ويا، جن پنهنجي دائري کي وڌائي هنڱورا آباد تائين پهچائي ڇڏيو، جتي هٿياربندن هڪ راڪيٽ فائر ڪيو، جيڪو مڇر ڪالوني واري علائقي ۾ هڪ گهر ۾ ڪريو، جنهن سبب هڪ عورت سميت 7 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال ۾ آندو ويو، جڏهن ته هن ويڙهه ۾ ڪيترائي واٽهڙو به گوليون لڳڻ ڪري زخمي ۽ موت جي منهن ۾ هليا ويا.

چيو پيو وڃي ته لياري جي 4 ٿاڻن ڪلري، بغدادي، چاڪيواڙا ۽ ڪلاڪوٽ وارن علائقن تي ٻن دهشتگرد گروپن جو قبضو آهي، انهن ٻنهي گروپن وچ ۾ وڏي عرصي کان ويڙهه هلندي رهي، پر ڪجهه مهينا اڳ ٻنهي گروپن وچ ۾ ٺاهه به ٿيو هو، جنهن ڪري ٻنهي گروپن هڪ ٻئي جي حدن جو احترام ڪندي پنهنجو ”ڪارو ڪاروبار“ جاري رکيو، پر تازو جڏهن عوام انهن کي ڀتو ڏيڻ کان جواب ڏنو ته، ان جي خلاف ٿيل ڪارروائي ۾ به ٻنهي گروپن گڏيل ڪارروائي ڪئي، جنهن ڪري سڄو لياري ٻن ڏينهن تائين گولين جي آواز سان گونجڻ سان گڏ ويران رهيو، جن کي روڪڻ لاءِ پهتل پوليس ۽ رينجرز وارا رڳو روڊن تي بلٽ پروف جيڪٽس پائي ميڊيا کي ڏيکارڻ لاءِ هوائي فائرنگ ڪندي نظر آيا!”اسان وٽ نفري گهٽ ۽ بڪتربند گاڏيون به گهرج جيتريون ناهن، جيڪڏهن ان هوندي به پوليس ڪارروائي ڪئي ته، وڌيڪ ماڻهو مارجي ويندا“، ڊي آءِ جي سائوٿ اي ڊي خواجه ميڊيا کي ٻڌايو، جنهن جي ڳالهين مان لاچاري ظاهر ظهور نظر اچي رهي هئي، ڇو ته جڏهن پوليس وٽ ويڙهه ڪرڻ جا وسيلا ۽ اختيار ئي نه هجن، ته پوءِ پوليس اهلڪار ڇا ڪري سگهندا؟ اهو ئي ٿيندو ته عام ماڻهو پوليس جي اڳيان پيا رتوڇاڻ ٿيندا ۽ پوليس رڳو هوائي فائرنگ ڪندي رهجي ويندي.

عام ماڻهو جيڪي ورهين کان وٺي هڪ هنڌ تي رهن ٿا، اتي ڪاروبار ڪن ٿا، اهي ڀتا به ڏين ٿا، پر جيڪڏهن ان باوجود کين تحفظ نه ملي ته هو ڪيڏانهن وڃن؟ جڏهن سنڌ جي چونڊيل پ پ حڪومت ۾ به لياري سميت پوري شهر ۾ عام ماڻهن کي تحفظ نه ملي سگهي، ته پوءِ حڪومتي رٽ تي آڱريون ته کڄنديون، ڇو ته جڏهن سنڌ جي گهرو وزير پنهنجو قلمدان سنڀاليو هو ته، ڪابينا جي پهرين گڏجاڻي کانپوءِ هن اهو اعلان ڪيو هو ته، لياري ۾ امن امان قائم ڪرڻ سندس پهرين ترجيح آهي، پر هن سرڪار جي هڪ سال گذري وڃڻ کانپوءِ لياري ۾ مستقل امن امان قائم نه ٿي سگهيو آهي، ايتري قدر جو تازو ڪچي آبادي واري صوبائي وزير رفيق انجئير هڪ اسڪول جو افتتاح به بڪتربند گاڏين جي سخت سيڪيورٽي ۾ وڃي پوءِ ڪيو هو، جڏهن سنڌ جا وزير سي به لياري جا ڄاوا هجن، اهي پاڻ کي محفوط نه سمجهن، ته پوءِ عام ماڻهن کي ڇا احتجاج ڪرڻ ۽ تحفظ جو مطالبو ڪرڻ جو به حق ناهي؟ آخر ٻن ڏينهن کان گينگسٽرن جي گولين جو کاڄ بڻجندڙ لياري واسين کي بروقت تحفظ ڇو نه ملي سگهيو؟ جن جو ڏوهه صرف ڀتو ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ هو. هڪ طرف لياري ۾ عوام هٿياربند گروپن جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهيو هو ته، ٻئي طرف وري بلال ڪالوني ۾ ٻارن جي ڳالهه تان ٿيل جهيڙي به سڄي شهر کي پنهنجي خوف ۾ وڪوڙي ڇڏيو هو، جتي ٿيل جهيڙي ۾ هوٽلن، چانهه ماني جي جهوپڙن سميت 30 کن دڪانن کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو، ان کانسواءِ اتي ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا، جن کي اسپتالن داخل ڪرايو ويو، هن سڄي صورتحال ۾ حڪومتي رٽ ڄڻ ته ڪنهن قيد خاني ۾ بند هئي، جيڪا پنهنجي طاقت ڏيکاري نه سگهي.

پوئين هڪ سال کان مفاهمت جي سياست يعني سرچاءُ ۽ ڀائيچاري جي سياست ڪندڙ پ پ حڪومت جنهن طريقي سان پنهنجي پراڻن حريفن کي ساڻ کڻي هلي رهي آهي، اها بلڪل ساراهه جوڳي ڳالهه آهي، پر جڏهن دهشتگرد ۽ گينگسٽر عام ماڻهن کي لاوارثن جيان روڊن تي گوليون هڻي قتل ڪندا وتن، تڏهن حڪومت کي هر صورت ۾ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي، پر هڪ سال دوران لياري هجي يا بلال ڪالوني، لانڍي هجي يا سهراب ڳوٺ ۽ بنارس، اتي ٿيندڙ وڳوڙن ۽ رتو ڇاڻ ۾ سنڌ حڪومت لاچار ئي نظر آئي آهي. جڏهن سڄو شهر سڙندو هجي ۽ دهشتگردن کي اها ڀلي ڀت خبر هجي ته، کين روڊن تي اچي رتوڇاڻ ڪرڻ باوجود ڪجهه نه ٿيندو، ته پوءِ ائين عام ماڻهو مرندا رهندا، جئين ڪالهه لياري ۾ ماريا ويا...!

imtiaz_kawish@yahoo.com

هي آرٽيڪل روزانه ڪاوش حيدرآباد ۾ 30 اپريل تي ڇيپو

حڪومت جي رٽ بحال ڇو نه ٿئي ٿئي؟

امتياز چانڊيو

ڪراچي ۾ ڪجهه ڪلاڪن اندر 31 انساني جانيون ضايع ٿي ويون،پهاڙ گنج کان شروع ٿيل ويڙهه شهر جي مختلف علائقن تان پنهنجي باهه پکيڙي ڇڏي،جنهن ۾ انهن ماڻهن کي به ماريو ويو جيڪي ٽيڪسي ۽ رڪشا هلائيندڙ هئا،جن کي ڪا به خبر نه هئي ته پهاڙ گنج تي پهرين گولي ڪنهن هلائي؟ڪنهن زرينه ڪالوني ۾ ٻن ڪارڪنن کي قتل ڪيو، بس شهر ۾ ماڻهو ٿيل هنگامن جي خوف کان سر بچائي گهرن ڏانهن واپس وڃي رهيا هيا،جن کي رستي ۾ ئي موت ملي ويو،اڃان اها ڪلهه ڪلهوڪي ڳالهه آهي،جڏهن ڪراچي ۾ وٿي وٿي سان ٿيندڙ وڳوڙن تي ڪنٽرول نه ڪري سگهڻ کانپوءِ جڏهن نومبر مهيني جي پڇاڙي ۾ حالتون تمام خراب ٿي ويون ۽ سڀ ڪجهه هٿ ۾ هوندي به حڪومت بيوس بڻجي وئي هئي، تڏهن 27 نومبر 2008ع تي گورنر هائوس ۾ هڪ اهم گڏجاڻي ڪوٺائي 6 رڪني ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي هئي جنهن جي مٿان ڪراچي جي مختلف علائقن جا دورا ڪري صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ تڪرارن جو نبيرو ڪرائڻ جي ذميواري رکي وئي هئي پر ان باوجود ڪو آرڊينيشن ڪاميٽيپنهنجو ڪو به ڪردار ادا نه ڪري سگهي،جنهن ڏينهن گورنر هائوس ۾ گڏجاڻي ڪري هي ڪاميٽي جوڙي وئي هئي ان جي ٻن ڏينهن کانپوءِ 29 نومبر تي سڄي ڪراچي ۾ وڳوڙ ايتري شدت اختيار ڪري ويا جو سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا نائن زيرو تي پريس ڪانفرنس ڪندي اهو اعلان ڪيو هو ته ” مون وڳوڙين کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن“پر ان باوجود سندس حڪمن تي ڪو به عمل نه ٿيو،چيو پيو وڃي ته گهرو وزير جي حڪمن تي ان ڪري به عمل نه ٿيو جو سندس ماتحت عملدارن يعني آءِ جي سنڌ گهرو وزير کي قانوني جواز ڄاڻايو هو ته جيستائين هو لکت ۾ حڪم جاري نه ڪندو تيستائين ”شوٽ ايٽ سائٽ“ آرڊرز تي عمل نه ڪيو ويندو،ائين نه ٿئي جو سڀاڻي هو ڦاسي پون،ڪامورن جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسي پيل سنڌ حڪومت ۽ ان شامل اڪثر وزير ڪامورن جي چالاڪين کان واقف هوندي به ڪامورن اڳيان مجبور بڻيل آهن.

27 نومبر 2008ع گورنر هائوس ۾ ٿيل ٽياڪڙي ۾ ڇا طئي ٿيو هو؟

گورنر هائوس ۾ ڪراچي ۾ 27 نومبر تي جيڪا اعليٰ سطحي گڏجاڻي ٿي هئي، ان بابت ڪاوش جي هي خبر ئي پيش ڪري سگهجي ٿي ته ان اجلاس ۾ ڇا طئه ٿيو هو....گڏجاڻي ۾ مستقبل ۾ اختلافن کي حل ڪرڻ واسطي پ پ،ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي جي اڳواڻن تي ٻڌل 6 رڪني ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جوڙي وئي، گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي وچ ۾ هلندڙ تڪرار نيبرڻ لاءِ لڳ ڀڳ 3 ڪلاڪن تائين ڊگهي اعليٰ سطحي گڏجاڻي ٿي،جنهن ۾ سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير پير مظهرالحق،گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا،ايم ڪيو ايم مان ڊاڪٽر فاروق ستار، شعيب بخاري، سٽي ناظم، وسيم آفتاب ۽ اي اين پي مان شاهي سيد،امين خٽڪ ۽ حڪيم مندوخيل شرڪت ڪئي،ذريعن موجب گورنر وٽ ايم ڪيوايم ۽ اي اين پي وچ ۾ وڏي عرصي کان طالبانائيزيشن،زمينن تي قبضا ڪرڻ، ڪاروبار بند ڪرڻ سميت ٻين اهم تڪراري مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي،ذريعن موجب اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد چيو ته اسان نه ٿا چاهيون ته ڪراچي جو امن تباهه ٿئي،پر ڪراچي ۾ طالبانائيزيشن جي آڙ ۾ پختونن کي تنگ ڪيو پيو وڃي،شهر جي مختلف علائقن گلستان جوهر،نارٿ ناظم آباد،ملير،ڪورنگي،لانڍي ۽ٻين هنڌن تي پٺاڻن کي ڪاروبار بند ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن، جنهن سان لساني فساد ٿي سگهن ٿا،سرحد حڪومت پاڻ به طالبانن خلاف ڪارروايون ڪري رهي آهي،اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اسان طالبان جي مدد ڪيون،ذريعن موجب اي اين پي جو موقف هو ته ڪراچي ۾ ايندڙ طالبان نه پر آپريشن جا متاثر ٿيل آهن،جن مان ڪنهن کي ڪو خطرو ناهي،جڏهن ته ايم ڪيو ايم موقف اختيار ڪيو ته اسان نه ٿا سمجهون ته پٺاڻ طالبانائيزيشن ۾ ملوث ناهن،پر ڪو ٻيو وچ ۾ پختونن جي آڙ ۾ ڪارروائي ڪري سگهي ٿو،جنهن لاءِ اسان پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي،۽ اسان ڪنهن به مخصوص زبان واري جي خلاف ناهيون،ذريعن موجب پ پ اڳواڻن موقف اختيار ڪيو ته ڪراچي ۾ جيڪي به اختلافي مامرا آهن انهن کي گڏجي حل ڪرڻ ۽ پ پ ،ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي اتحاد کي اڃان به وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جي ضرورت آهي،جڏهن ته گڏجاڻي ۾ گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد سٽي ناظم ذريعي سمورن ٽائون ناظمن کي هدايت ڪرائي ته جنهن به علائقي ۾ پختونن جا ڪاروبار بند ڪيا ويا آهن انهن کي جلد کولرايو وڃي،ان کانسواءِ ڪراچي ۾ طالبانائيزيشن،ملڪيتن تي قبضا ڪرڻ۽ جهيڙن سميت مختلف تڪراري مامرا نبيرڻ لاءِ هڪ ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي آهي،جنهن ۾ ٽنهي پارٽين جا 2_2 نمائيندا شامل ڪيا ويا آهن،ان سلسلي ۾ اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد ڪاوش کي ٻڌايو ته اسان جي گورنر هائوس ۾ گڏجاڻي ٿي،جنهن ۾ مختلف مامرن تي ڳالهيون ٿيون آهن،بهرحال هڪ 6 رڪني ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جوڙي وئي آهي،جنهن ۾ پ پ طرفان فيصل رضا عابدي،سعيد غني،ايم ڪيو ايم طرفان وسيم آفتاب ۽ حماد،جڏهن ته اسان جي طرفان حڪيم مندوخيل ۽ امين خٽڪ شامل هوندا،هن چيو ته هي سب ڪاميٽي سمورن تڪراري مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ آهي،ڇو ته ڪراچي ۾ زمينن تي قبضا ڪري پوءِ پارٽين جا جهنڊا ٿي هڻي ڇڏين ان کي به هي ڪاميٽي ڏسندي،هن ڪاميٽي جو مهيني ۾ هڪ اجلاس لازمي ٿيندو،باقي ويجهڙائي ۾ ڪوآرڊينيشن ڪاميٽِي جو اجلاس ٿيندو،هوڏانهن اي اين پي جي ايم پي اي امان الله محسود ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته گورنر هائوس ۾ ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ جڙيل 6 رڪني ڪاميٽي ڪراچي ۾ ٿيندڙ جهيڙا روڪرائي ۽ امن امان جي صورتحال کي بحال ڪندي،جيڪڏهن هن ڪاميٽي ڪو نتيجو نه ڏنو ته پوءِ شايد صورتحال خراب ٿي وڃي.

29 نومبر 2008ع حڪومتي اتحادين جو گڏيل دورو ۽گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڇا چيو هو؟

هڪ طرف اتحادي ڌر جا اڳواڻ ڪراچي ۾ وڳوڙ روڪرائڻ لاءِ رستن تي هئا ته ٻئي پاسي دهشتگرد ڪارروايون ڪري رهيا هئا، گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا نائن زيرو تي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪري چيو هو ته ڪراچي ۾ حالتون خراب ڪندڙ شرپسند اسلام ۽ ملڪ دشمن آهن،جيڪي نفرت جي باهه ڀڙڪائي ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن،پر اسان انهن کي اهو صاف پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته جئين پاڪستان ٺهڻ وقت ڪو به سنڌي،بلوچي،پنجابي ۽ پٺاڻ نه سڀ هڪ هئاسين،تيئن اسان اڄ به گڏ آهيون، جيڪڏهن ڪنهن ڏوهاري کي اهو ذهن ۾ آهي ته هن جو مامو يا چاچو اي اين پي،ايم ڪيو ايم يا پ پ ۾ آهي تنهن ڪري هو بچي ويندو ته هو اهو خيال پنهنجي ذهن مان ڪڍي ڇڏي،ڇو ته هاڻي ڪنهن به ڏوهاري کي نه بچايو ويندو،ڇو ته ڪير ڪنهن کي نه بچائيندو،هن چيو ته آئون پاڻ انهن علائقن ۾ ويندس،جتي گڙ ٻڙ واري صورتحال آهي،آئون شرپسندن کي چوان ٿو ته ”حڪومت وقت سان وڙهڻ،عقلمندي ناهي“،اسان سڀني کي منهن ڏيڻ جا اهل آهيون ۽ طاقت به رکون ٿا،ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته ڪراچي اسان جي پهرين ترجيح ۾ شامل آهي،ڇو ته هي سنڌ ۽ پاڪستان جي دل آهي،تنهن ڪري هن شهر جي ترقي کي برباد ڪرڻ نه ڏنو ويندو نه ئي ‎ڪنهن به صورت ۾ ڪرڻ نه ڏني ويندي،هن ان سوال ته ايم ڪيو ايم سدائين چوندي رهي آهي ته ڪراچي ۾ طالبانائيزيشن ٿي رهي آهي،ڇا اهو صحيح آهي يا نه؟ جواب ۾ چيو ته آئون سدائين اهو واضح چوندو رهيو آهيان ۽ وري چوان ٿو ته هو به پنهنجي جاءِ تي صحيح آهن ۽ اسان به! پر طالبان جي نالي تي ڪراچي ۾ پنهنجي طاقت جو استعمال ڪن، اهڙي قسم جون ڪي شاهديون ڪراچي ۽ سنڌ ۾ نه مليون آهن،جنهن ۾ اسڪول بند ڪرائڻ،ڇوڪرين کي نه پڙهائڻ،يا وڊيو سي ڊي جا دڪان بند ڪرڻ جهڙيون ڌمڪيون ڏنيون ويون هجن،ڪجهه ڏينهن اڳ جنهن وڊيو سي ڊي واري دڪان کي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي هئي،اهو به ذاتي تڪرار هو ۽ دڪان خالي ڪرائڻ واسطي ايئن ڪيو ويو،اهڙي صورتحال بلڪل حقيقت کان پري آهي.

ايم ڪيو ايم جو موقف ڇا هيو؟

ايم ڪيوا يم رابطاڪاميٽي جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو هو ته حڪومت اتحاد ۽ سرچاءُ واري عمل کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪندڙ ناڪام ٿي ويندا،اسان صوبائي حڪومت ۽ وڏي وزير کي پنهنجي سهڪار جي پڪ ڏياريون ٿا،اسان چاهيون ٿا ته هن حڪومت جا سڀ گڏجي هٿ مضبوط ڪيون،۽ حڪومت پنهنجي رٽ کي قائم ڪرڻ لاءِ اختيار استعمال ڪري،هن چيو ته اسان ڪراچي جي شهرين کي به اپيل ٿا ڪيون ته هو صبر ڪن،ان کانسواءِ اسان پنهنجي سمورن ڪارڪنن به هدايتون ڏنيون آهن ته هو امن امان قائم ڪن،اسان پنهنجي تنظيمي نيٽ ورڪ کي امن قائم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪنداسين، اسان پاڻ ۾ سهڪار کي وڌائينداسين، گڏجي امن امان تباهه ڪرڻ جي سازش کي ناڪام بڻائينداسين،ان لاءِ گهرو وزير ۽ سمورن پارٽين کي پنهنجي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرايون ٿا،هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته انتها پسندي طالبانائيزيشن کي روڪڻ جي سلسلي ۾ اسان ۾ مڪمل ايڪو آهي،پوءِ ڀلي ان ۾ زمينن تي قبضا هجن،يا منشيات مافيا هجي،ان کي منهن ڏيڻ لاءِ به اسان گڏ آهيون،۽ اها حڪومت جي ذميواري آهي ته هو شهر ۾ شهرين جي زندگين،ملڪيتن ۽ عزتن جي حفاظت ڪري،ان لاءِ حڪومت تحفظ ڪري،هن چيو ته اسان ڪراچي ۾ امن امان واري صورتحال جو سنجيدگي سان نوٽيس ورتو آهي ۽ طالبانائيزيشن تي مڪمل سخت نظر آهي،ان لاءِ نه رڳو اسان پاڻ ۾ طئي ڪيو آهي پر ڪارڪنن کي به هدايتون جاري ڪيون آهن ته هو صبر ڪن،شهرين کي به اپيل ٿا ڪريون ته هو اشتعال ۾ نه اچن،هن چيو ته اسان هڪٻئي سان رابطن ۽سهڪار ذريعي سازشن کي ناڪام بڻائينداسين،

اي اين پي اڳواڻ ڇا چيو؟

عوامي نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر شاهي سيد چيو هو ته جيڪي غريبن جا خير خواهه ۽ شهر جي امن امان جي دعويٰ ٿا ڪن،هي اهو وقت آهي جنهن ۾ اسان کي ثابت ڪرڻو پوندو ته اسين عوام لاءِ امن قائم ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان به اهو ئي سمجهون ٿا ته سمورن مسئلن جو حل ڳالهين ۾ آهي،هن چيو ته طالباني ذهن رکندڙ هر هنڌ موجود آهن،4 ڏينهن اڳ جڏهن اسان شهر ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڳالهين جو سلسلو شروع ڪيون آهن ان ڏينهن کان وٺي شرپسندن به پنهنجي ڪارروائين ۾ تيزي آڻي ڇڏي آهي. هي ان ڏينهن جو رڪارڊ آهي جنهن ڏينهن پ پ ،ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي جي اڳواڻن گڏيل طور تي شهر جو دورو ڪري باهه ۾ ٻرندڙ روڊن رستن ۽ گولين جو کاڄ ٿيندڙ ماڻهن جي لاشن کي به ويجهي کان ڏٺو هيو،انهن ان ڏينهن جيڪو ڪجهه چيو هو ڇا اهو سئو سيڪڙِو سچ ثابت ٿيو آهي؟ڇا اهي اڳواڻ ۽ وزير پنهنجي هڪ هڪ لفظ تي اڃان به قائم آهن،آخر جڏهن طاقتور ڌريون پاڻ ۾ گڏ هجن ته پوءِ رينجرز ۽ پوليس ڪنهن جي خلاف ڪارروائي ڪندي؟حڪومت جون واڳون سنڀاليندڙن جي ان دوري کانپوءِ به شهر جون حالتون معمول ته نه اچي سگهيون هيون،سنڌ حڪومت ڄاڻي ته ڪراچي ۾ امن امان ڪير خراب ڪري رهيو آهي؟ پر جيڪڏهن ٽئي وڏيون پارٽيون عوامي مينڊيٽ هجڻ باوجود امن قائم نه ٿيون رکي سگهن ته پوءِ امن امان خراب ڪرڻ جو ذميوار ڪير آهي؟

(هي آرٽيڪل روزانه ڪاوش حيدرآباد ۾ 1 مئي 2009ع تي خاص ايڊيشن ۾ ڇپيو)